سَمُنڊ سمايو بُوند ۾

سَمُنڊ سمايو بُوند ۾

سَمُنڊ سمايو بُوند ۾

سَمُنڊ سمايو بُوند ۾ (ڪتاب): هي ڪتاب نامور شاعر کيئلداس ’فاني‘ جي شاعري جو مجموعو آهي، جيڪو سنڌ جي نامور اديب انور ’فگار‘ هڪڙي سهيڙيو آهي. هي ڪتاب شيخ اياز ۽ ڊاڪٽر قيوم ’طراز‘ جي نانءِ ڪيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ ’شيخ اياز‘ لکيو آهي، جنهن ۾ هن کيئلداس فانيءَ جي شاعريءَ جي واکاڻ ڪئي آهي ۽ انور ’فگار‘ جو ٿورائتو رهيو آهي، جو هن سندس ڪلام ڪٺو ڪري ڇپرايو. هن ڪتاب ۾ بيت، گيت، ڪافي، قطعا، رباعيون، غزل، پنجڪڙا، نظم، ترائيل، مخمس، مسدس جون صنفون شامل آهن. ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل سان هي ڪتاب 276 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو 1995ع ڌاري سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري سنڌ پاران شايع ٿيو، جڏهن ته ڪتاب جي قيمت 75 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو